علامه حاجي محمد عمر دين پوري

علامه حاجي محمد عمر دين پوري: علامه حاجي محمد عمر ولد عطا محمد عرف عطائي خان پندراڻي بروهي 1882ع ڌاري ڳوٺ وڪري جاگير ، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو . ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ هوشيار هو ، شروعاتي ديني تعليم پنهنجي والد وٽ پڙهيو . ان کانپوءِ هو مستونگ جي مولانا براهوئيءَ جي مدرسي ۾ داخل ٿيو ، جتي هن ناظره قرآن مجيد جي تعليم حاصل ڪئي . وڌيڪ تعليم لاءِ همايون شريف ۾ مولانا عبدالغفور همايونيءَ وٽ حاضر ٿيو ، جنهن جي مدرسي مان پڙهي فارغ التحصيل ٿيو ، جنهن بعد مڪتبه السلاميه براهوئيه در خان ، لڳ ڍاڍر بلوچستان ۾ مولانا عبدالحي براهوئي رئيساڻيءَ وٽ درس ۾ شامل ٿيو . علامه حاجي محمد عمر دين پوري ، حضرت مولانا سيد تاج محمود شاهه امروٽي جو دست ِ بيعت مريد هو . هي عالم ۽ اديب سان گڏ مفتي ، مفسر ، مترجم ، شاعر ۽ سياسي رهنما به هو . هن سڀ کان پهريائين 1901ع ۾ مڪتبه اسلاميه براهوئي در خان لڳ ڍاڍر مان اشاعتي ڪم جي شروعات ڪئي . سندس پهريون ڪتاب ’ڪريما ‘ فارسيءَ مان براهوئي ۾منظوم ترجمو هو . علامه دين پوري مختلف موضوعن تي اٽڪل 86 ڪتاب لکيا ، جن ۾: ( 1 ) قرآن مجيد ( براهوئي ترجمو ) ( 2 ) ڪريما ، ( 3 ) محمود نامه ، ( 4 ) نامِ حق ، پندنامه ، ( 6 ) شروط الصلوٰة ، ( 7 ) تعليم الاسلام ( منظوم ) ، ( 8 ) نصيحت نامه ، ( 9 ) حفظ الايمان ، ( 10 ) ترغيب الجماعت ، ( 11 ) نماز فرائض ، ( 12 ) سودائي نامه ، ( 13 ) دينيات ( حصو پهريون ۽ ٻيو ) ( 14 ) اعلان واجب الـبيان ، ( 15 ) مثالِ حال ، ( 16 ) تحفة الامراء ( 17 ) هدايت المستورات ، ( 18 ) مفتاح القرآن ( مقدمو ) ، ( 19 ) دافع الوسواس في بيان الحيض و النفاس ، ( 20 ) تفسير مفتاح القرآن ، ( 21 ) ريل نامه ، ( 22 ) وبيص الطيب وي ذي نور الحبيب ، ( 23 ) قاعده بـراهوئيه ، ( 24 ) مـشتاق مـدينه ( شاعري ) ، ( 25 ) تـنبـيھ الـثافلين ، ( 26 ) اصل اليمان ، ( 27 ) داستان ورنائي ، ( 29 ) اشتار مع حسرت اظهار ، ( 30 ) ثبوت الحجاب بالدلائل و انتصاب ، ( 31 ) آئينه قيامت ، ( 32 ) مخ العبادة ، ( 33 ) جهاتل بانو ، ( 34 ) داستان ابليس ( 35 ) هدايت قادريه ، ( 36 ) دعوت الاسلام ، ( 38 ) شرح اصول سته ۽ ( 37 ) مجموعه خطبات قابل ذڪر آهن . مولانا محمد عمر دين پوري 1343هه/1925ع ۾ دين پور مان هڪ ماهوار رسالو ’الحق ‘ براهوئي زبان ۾ جاري ڪيو ، جنهن جا ٽي پرچا منظر عام تي آيا . اهو رسالو براهوئي زبان جو پهريون رسالو هو . هن 18 جمادي الثاني 1468هه/1948ع ۾ عشاء نماز جي پيش امامت دوران سجدي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو . سندس مزار نڙبينت ضلعي قلات ۾ آهي .


لفظ علامه حاجي محمد عمر دين پوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو